چنڙ پير

چنڙ پير: دراوڙ قلعي کان چئن ميلن جي پنڌ تي، هڪ ٽڪريءَ مٿان چولستان (ڏکڻ پنجاب) ۾ چنڙ پير جو مقبرو موجود آهي. ان کي ’چنان پير‘ به سڏيندا آهن. هي راءِ سنديلي جو پٽ هو. راءِ جو ڳوٺ ان زماني ۾ آباد هو. چيو وڃي ٿو ته چنان پير، جلال سرخ بخاريءَ جي دعا سان پيدا ٿيو هو، جيڪو ان وقت اتي آيل هو. هن وقت راءِ جو ڳوٺ ڦِٽي ويو آهي ۽ ان جا دڙا ٽن ميلن ۾ پکڙيل آهن. هندو توڙي مسلمان چنڙ پير جا پانڌيئڙا آهن.


لفظ چنڙ پيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو